ڄاڃي مل وارو کوهه

ڄاڃي مل وارو کوهه: هي کوهه موري شهر جي دبرڪي ۽ موچڪي کڏ جي وچواري گهٽ تي جوڳي احمد فقير جي جاءِ جي پويان واقع آهي. هي کوهه بولي مل جي پڙ ڏاڏي ڄاڃي مل، خاص ڪري مقامي ماڻهن جي پاڻي پيئڻ لاءِ 300 سال کن اڳ تعمير ڪرايو هو. هن کوهه جي ٻنهي پاسن کان وڏا حوض ۽ غسلخانا ٺهيل هئا، جنهن مان هڪ طرف عورتون وهنجنديون هيون ۽ ٻئي طرف مردن لاءِ غسلخانا هئا. هن کوهه جو پاڻي تمام ٿڌو هوندو هو. هن کوهه جي اوساري پڻ سخي باقر شاهه جي کوهه جهڙي هئي. هي کوهه 1960ع تائين استعمال هيٺ هو پر هاڻي ان کوهه کي اڏاوتن اندر آندو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو